ترلوڪي ناٿ ڀڳوان وشنو جي اوتار شري رام يارنهن ھزار سال ( انٽرنيٽ تان مليل جانڪاري مطابق ) ايوڌيا تي راڄ ڪيو
آخر تائين صرف ھنومان لڇمڻ ۽ سيتا ڪجھ ٻين کي ڇڏي ڪنهن کي به خبر ڪون پئي ته ھي ڀڳوان وشنو جو اوتار آھي جنھن وقت پنھنجي ليلا پوري ڪري جل سماڌي وقت پنھنجو وشنو روپ ڏيکاريو تڏھن سڀ روئڻ پٽڻ شروع ٿي ويا
ھي ڀڳوان!!!
اسان کي معاف ڪريو اسان توھان کي ڪونه سڃاتو اسان سان ڳڏ ڪجهه وقت اسان جو ڪلياڻ ٿيندو پر اوتار جي وڃڻ جو وقت پورو ٿي چڪو هو ۽ ڀڳوان رام پنھنجي ڌام واپس ھليا ويا
ٺيڪ آهي جيڪو ٿيڻو هو سو ٿي ويو
ڇا توهان کي نٿو لڳي ته پاڻ اڄ به ساڳيو ڪم ڪري رھيا آھيون سنت رامپال جي مھاراج جي گيان ۽ انھن جي موجودگي کي نه مڃي اڄ سڄي سرشٽي جو ڌڻي ھن ڌرتي تي اسان لاءِ آھيو آهي جيترو جلدي ٿي سگهي ھن کي سڃاڻي وٺو
ڇو ته ڀڳوان ھميشه انسان جي روپ ۾ ئي اچي ٿو پوءِ ڀلي اوتار ھجي يا ڌڻي پاڻ بلڪل ڀڳوان رام واري وقت وانڱر صرف ڪجھ ئي ڄڻن کي حقيقت جي خبر آهي
ھي حقيقت جي خبر جيڪڏهن سڀني کي پئجي وڃي ته پاڻ موقعي جو فائدو وٺي ست ڀڳتي ڪري موڪش پراپت ڪري سگھون